سوٽهڙ، هرچندراءِ، ڊاڪٽر

سوٽهڙ، هرچندراءِ، ڊاڪٽر

هرچندراءِ سوٽهڙ ڊاڪٽر

هرچندراءِ سوٽهڙ، ڊاڪٽر: عمرڪوٽ جي نامياري ڊاڪٽر ۽ سماجي ڪارڪن، ڊاڪٽر هرچند راءِ، 15 سيپٽمبر 1915ع تي، ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ڇاڇري ۾ پنهنجي ناناڻي ڳوٺ ’ڪيتارو گام‘ ۾، ماستر گرڌاري لال سوٽهڙ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد هڪ مثالي استاد ۽ تعليمي عملدار هو. ڊاڪٽر هرچندراءِ پنهنجي منفرد شخصيت، اصولن، پيشي سان سچائيءَ، ڏکويل ماڻهن جي خدمت، سنڌي ثقافت سان اٿاهه لڳاءَ، هندو- مسلمان سان هڪجهڙي وهنوار ۽ پنهنجيءَ ذهانت جي ڪري پوري ٿر ۾ وڏي مڃتا ماڻي. سندس ننڍپڻ نئون ڇور شهر ۾ گذريو، جتي ڊاڪٽر صاحب جو ڪٽنب 1920ع ڌاري اچي آباد ٿيو ۽ ورهاڱي کان پوءِ پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ عمرڪوٽ ۾ آباد ٿيا. ڊاڪٽر هرچندراءِ، ابتدائي تعليم ’نئين ڇور‘ مان ۽ سيڪنڊري تعليم عمرڪوٽ ۽ حيدرآباد مان حاصل ڪئي. ميڊيڪل جي تعليم پهرين حيدرآباد جي ميڊيڪل اسڪول مان ورتائين ۽ طب جي ڊگريLCP&S گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج بمبئيءَ مان 1940ع ۾ ورتائين. ڊاڪٽر بڻجڻ کانپوءِ سندس پهرين مقرريءَ ’مليريا جي خاتمي واري پروگرام‘ جي AMO طور نئين ڇور ۾ ٿي، جتان پوءِ ڪنري، ڇاڇري ۽ عمرڪوٽ ۾ به سرڪاري نوڪري ڪيائين، پر اصول پسنديءَ جي ڪري کيس سرڪاري نوڪري راس نه آئي ۽ استعيفا ڏئي، عمرڪوٽ شهر ۾ پنهنجي خانگي اسپتال اچي کوليائين. ڊاڪٽر هرچندراءِ، عمرڪوٽ جي مشهور ڊاڪٽر ڊرئگو جانسن سان گڏ بمبئيءَ مان پڙهي آيو هو، ان ڪري ٻئي دوست، ٻئي مسيحا ڊاڪٽري پيشي ذريعي هڪٻئي جي معاونت سان عوام جي خدمت ڪندا رهيا. ڊاڪٽر هرچندراءِ 75 سالن تائين ڊاڪٽري پيشي ذريعي عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ۽ ميرپورخاص ضلعن جي ماڻهن جي خدمت ڪندو رهيو. سنڌ جي انقلابي هارياڻي مائي بختاور شهيد جو پوسٽ مارٽم پڻ ڊاڪٽر هرچندراءِ ڪيو هو. هن خدمت جي جذبي هيٺ سياست ۾ به حصو ورتو. ٻه ڀيرا صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ بيٺو، پهريون ڀيرو 1970ع جي عام چونڊن دوران ننگرپارڪر واري سيٽ تي مشهور سياستدان راڻي چندرسنگهه جو مقابلو ڪيائين، پر ناڪام ٿيو. ٻيو ڀيرو 1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ حصو ورتائين. ان وقت اقليتي سيٽن لاءِ قومي اسيمبليءَ جي سيٽ لاءِ سڄو پاڪستان ۽ صوبائي سيٽ لاءِ سڄي سنڌ حلقو هوندي هئي. ڊاڪٽر هرچندراءِ چونڊن ۾ ووٽ ته جام کنيا هئا، پر وڏيرن واري سياست جو قائل نه هئڻ ڪري ناڪام ٿيو. ڊاڪٽر هرچندراءِ، عمرڪوٽ ٽائون ڪميٽيءَ جو ٽي ڀيرا ڪائونسلر ۽ پنجن سالن تائين چيئرمئن به رهيو. ان دوران هن شهر ۾ زبردست ترقياتي ڪم ڪرايا. هن سماج مان نشي، گهڻي ڏاج، ٻارس جي رسمن، شاديءَ جي بيجا خرچن ۽ روايتي رسمن جي خلاف پڻ ڀرپور آواز اُٿاريو. ڊاڪٽر هرچندراءِ، 1965ع واري پاڪ هند جنگ دوران ٻن مهينن لاءِ جيل ۾ به رهيو. هن عوامي خدمتگار کي 1990ع ۾ ڌاڙيلن اغوا به ڪيو هو، پر عوامي ۽ حڪومتي دٻاءَ جي ڪري ترت ڌاڙيلن جي چنبي مان بنا ڀنگ ڀرڻ جي آزاد ٿيو. ڊاڪٽر هرچندراءِ، ٿر جي ثقافت سان واسطو رکندڙ شيون، پراڻا سڪا، پراڻا زيور، پراڻو ڀرت جو ڪم، قديم ٿانو، رليون، دٻيون، جنڊا، هنا ۽ پاکڙا وغيره گڏ ڪيا. هو سنڌ جي مشهور ميلن ۽ ٻين ثقافتي نمائشن ۾ ثقافتي اسٽال به لڳرائيندو هو. 1986ع ۾ اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي جي خاص فرمائش تي ڊاڪٽر هرچندراءِ، ميرپوخاص ۾ماڊل طور هڪ ’ٿَرِي گھر‘ ٺهرايو هو، جنهن ۾ ٿر جي روزاني زندگيءَ ۾ ڪم ايندڙ هر شيءِ رکي وئي هئي. دنيا جي ڪيترن ملڪن مان آيل سفيرن ۽ ملڪي مهمانن هن خاص گھر جو معائنو ڪيو ۽ وڏي واکاڻ ڪئي هئي، پر ڪجهه مهمانن جي بيگمات پاران ناياب زيور پاڻ سان کڻي وڃڻ کانپوءِ هن نمائشون لڳائڻ بند ڪري ڇڏيون. ڊاڪٽر هرچند راءِ سڄي حياتي سماجي ڀلائيءَ وارن ڪمن ۾ بهرو ورتو. هن انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر ميوزيم ميرپورخاص جي قيام وقت، ثقافتي سامان جي حوالي سان ڪافي مدد ڪئي هئي. ڊاڪٽر هرچندراءِ، ’نندلال نندن چيريٽيبل ٽرسٽ‘ جو باني ميمبر، ’روٽري ڪلب عمرڪوٽ‘ ۽ ’ريڊ ڪراس‘ جو ميمبر پڻ رهيو. اکين جي ڪئمپن لڳائڻ ۾ خاص دلچسپي ورتائين. عمرڪوٽ ۾ اکين جي اسپتال ۽ ٽي. بي سينٽر جي قيام ۾ به سندس خاص هٿ هو ۽ پنهنجي روزاني ڪمائي، انهيءَ اسپتال ۽ سينٽر کي ڏئي ڇڏيندو هو. 23 مارچ 2007ع تي ڊاڪٽر هرچندراءِ کي پاڪستان سرڪار سندس خدمتن جي عيوض ’تمغهء امتياز‘ ڏنو. سنڌ جي هن نامياري سماج سڌارڪ ۽ انسانيت جي شيواڌاريءَ، 4 مارچ 2013ع تي عمرڪوٽ ۾، پنهنجي گهر ’رين بسيرا‘ ۾ وفات ڪئي. سندس وفات کانپوءِ، 7 اپريل 2013ع تي سندس پٽ مهيندر ديو لکاڻيءَ کي سوٽهڙ جاتيءَ جي سرواڻ جي پڳ ٻَڌرائي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1915.09.15  عيسوي

عمرڪوٽ جي نامياري ڊاڪٽر ۽ سماجي ڪارڪن، ڊاڪٽر هرچند راءِ، 15 سيپٽمبر 1915ع تي، ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ڇاڇري ۾ پنهنجي ناناڻي ڳوٺ ’ڪيتارو گام‘ ۾، ماستر گرڌاري لال سوٽهڙ جي گهر ۾ جنم ورتو.


2013.03.04  عيسوي

سنڌ جي هن نامياري سماج سڌارڪ ۽ انسانيت جي شيواڌاريءَ ڊاڪٽر هرچند راءِ،، 4 مارچ 2013ع تي عمرڪوٽ ۾، پنهنجي گهر ’رين بسيرا‘ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جواهر لعل نهرو
بچل شاهه جيلاني
بهاءُ الله بهائي
ذوالفقار علي ڪلهوڙو
عبدالغفور ڀرڳڙي
بابا نيڀراڄ
جارج-6
امين اڏيرائي
چنگيز اعتماتوف
پرِيڊي ايڇ ڊبليو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون